صدارتي چونڊون، اردگان ڪامياب،زرداري ۽ فضل الرحمان جي مبارڪباد

صدارتي چونڊون، اردگان ڪامياب،زرداري ۽ فضل الرحمان جي مبارڪباد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري رجب طيب اردگان کي ٽيون ڀيرو ترڪي جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني پيش ڪئي ۽ چيو ته رجب طيب اردگان جي فتح ترڪ عوام ۾ سندس مقبوليت جو مظهر آهي دعا آهي ته صدر رجب طيب اردگان جي قيادت ۾ ترڪي ترقي جون نيون بلنديون طئي ڪندو،ٻئي طرف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ترڪي جي صدارتي اليڪشن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ناقابل شڪست ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي طرفان عزت مآب صدر رجب طيب اردگان کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. سندس قيادت ۾ ترڪ قوم جي ترقيءَ جو سفر جاري رهندو ۽ پاڪستان ۽ اسلامي دنيا سان ترڪي جي لاڳاپن جا نوان مقصد حاصل ٿيندا، انشاءَ الله.

پهنجو تبصرو موڪليو