صحافي شيرين ابو عقيله کي اڻڄاڻائي ۾ گوليون لڳيون: آمريڪا

صحافي شيرين ابو عقيله کي اڻڄاڻائي ۾ گوليون لڳيون: آمريڪا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته هڪ اسرائيلي فوجي الجزيره جي صحافي تي اڻڄاتل فائرنگ ڪئي.عرب ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ اسرائيلي فوج طرفان الجزيره جي صحافي شيرين ابو عقيله جي فائرنگ ۾ مارجي وڃڻ جي جاچ جي حوالي سان بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي فائرنگ کي غير ارادي قرار ڏنو آهي.اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز جي فائرنگ ۾ شيرين ابو عقيله جي موت غير ارادي آهي، پر آزاد جاچ ڪندڙ اڃا تائين ڪنهن حتمي فيصلي تي نه پهچي سگهيا آهن.اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ وڌيڪ چيو ته آمريڪي سيڪيورٽي ڪوآرڊينيٽر اسرائيلي ڊفينس فورسز ۽ فلسطيني اٿارٽي جي تحقيق مان ان نتيجي تي پهتو آهي ته صحافي جي موت جو سبب اسرائيلي فوج جي فائرنگ هئي.ان حوالي سان فلسطينين جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج ڄاڻي واڻي شيرين ابو عقيله کي قتل ڪيو، جڏهن ته اسرائيل ان ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته عورت صحافي کي غلطي سان نشانو بڻايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو