ڏيپلو (ن سنڌيار ) ڏيپلو شھر ۾ چورين ۽ منشات بدامني خلاف واپارين ۽ شهري اتحاد طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي,پر امن شهر ڏيپلو ۾ چورين جو معمول بڻيل هجڻ ڪري واپارين ۽ شهرين طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ٽائرن کي باه ڏئي سخت احتجاج ڪيو ويو اڲواڻن عبدالرحمان اوٺو عمران باغي,غلام مصطفا ميمڻ,, ابراھيم لنڊ عوامي تحريق اغواڻ فاروق لنگھو مفتي فياز ڪلر ۽ ٻين اڲواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڏيپلو ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي چورين جي وارداتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ڏيپلو پوليس چورن کي پڪڙي نه سگهي آهي جنهن ڪري اسان ڪاروباري ماڻهو پريشان آهيون لکين روپين جو نقصان ڪيو وڃي ٿو, جنهن ڪري اسان چئون ٿا چورين جي وارداتن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ڏيپلو کان مٺي مين روڊ تي احتجاج ڪيو ويندو










