لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسمبلي جو اجلاس مختصر ڪاروائي بعد 6 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ صحافين تي پابندي هنئين وئي، پريس گيلري کي تالو هنيو ويو. وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ووٽنگ نه ٿي سگهي. وفاقي حڪومت پنجاب جي گورنر چوڌري سرور کي برطرف ڪيو هو. حمزا شهباز چيو ته پرويز الاهي شڪست جي ڊپ کان اجلاس ملتوي ڪرايو، اسانجو نمبر پورو هو اڪثريت ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين پر حڪومتي اميدوار وقت وٺڻ لاءِ اجلاس ملتوي ڪرايو. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته اسانجو نمبر پورو هو، جڏهن پي ٽي آئي جي منحرف ميمبرن کي وٺڻ لاءِ اسانجا ميمبر ويا ۽ هو واپس اچي رهيا هئا ته نون ليگ جي ميمبرن مٿن حملو ڪيو ۽ مجبوري وچان اجلاس ملتوي ڪرڻ کانسواءِ چارو نه هو.










