ڪراچي (نمائندن وٽان) روهڙي لڳ قومي شاهراه تي ٽريلر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويو، جڏهن ته شڪارپور ۾ نوجوان کي گوليون هڻي نامعلوم ماڻهو فرار ٿي ويا. ***شڪارپور مان نمائندي موجب نيوفوجداري ٿاڻي جي حد خان چند آباد پاڙي ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن گھر اندر فائرنگ ڪري ڊيرا مراد جمالي واسي 20 سالن جي نوجوان صادق بروھي پٽ نور محمد بروھي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، مقتول نوجوان شڪارپور جي چشمي واري بزرگ طور مشھور درگاھ جي گادي نشين آغا وسيم وٽ ملازمت ڪندو ھو، آغا وسيم ٻڌايو ته ھو فائرنگ جو آواز ٻڌي گھر کان ٻاھر آيو ته نوجوان گوليون لڳل پٽ تي پيل ھو، جنھن جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو، جيڪا مقتول نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي لاءِ سول اسپتال کڻائي وئي، ھوڏانھن نيو فوجداري ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته واقعو ذاتي دشمني لڳي رھيو آھي، جوابدارن جي گرفتاري لاء ناڪابندي ڪئي وئي پر ڪو به گرفتار نه ٿيو. ***روهڙي مان سنڌيار جي نمائندي موجب هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي زور دار ٽڪر موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويو. موٽر سائيڪل سوار 16 سالا عزير عرف بگن سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي ويو اطلاع ملڻ بعد پٽڻي پوليس پاران واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو ضروري ڪارروائي بعد لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور موقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو فوت ٿي ويل نوجوان روهڙي جي علائقي اڇيون قبيون جو رهواسي هو جيڪو موٽر سائيڪل تي پنهنجي گزرسفر لاءِ ڳوٺن ۾ وڃي ڪپڙا وڪرو ڪندو ھو.










