شُگر ملز چمنيون نه ٻاريون، ڪمند جو فصل سُڪڻ لڳو

شُگر ملز چمنيون نه ٻاريون، ڪمند جو فصل سُڪڻ لڳو

شاهپور جهانيان (اسد ٻگهيو) النور شگر مل شاهپور جهانيان، سڪرنڊ شگر مل، قاضي احمد ، حبيب شگر مل نوابشاهه ۽ ٻانڌي شگر مل چمنيون نه ٻاريون، لکين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جو فصل سڪڻ لڳو. ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار اڳواڻ عبدالفتاح ٻگهيو، عبدالوحيد ڏاهري ، غلام مصطفيٰ گائينچو، ولي محمد جوکيو، محمد يوسف آرائين، محمد بخش ڪورائي، عزيزالله ڀٽي، غلام محمد ماڇي ۽ ٻين ٻڌايو ته هر سال شگر ملن جي هڪ هٺي ۽ ڏاڍ مڙسي سبب شگر ملون دير سان هلڻ ڪري ڪمند جي پوکي ڪندڙ آبادگارن کي معاشي نقصان پوي ٿو ڇو ته هڪ طرف گهٽ اگهه تي ڪمند ورتو وڃي ٿو ته ٻئي طرف دير سان ملون هلڻ ڪري ڪڻڪ جو فصل ڪاهجي نه سگهيو آهي جنهن ڪري علائقي ۾ ڪڻڪ جي شديد کوٽ جو پڻ انديشو آهي. هنن چيو ته شگر ڪين مافيا پوئين سال جون رهتون پڻ ادا نه ڪيون آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن ٻڌايو ته هن سال ڪمند جي فصل تي بيمارين جي حملي سبب ڪمند جو فصل گهٽ ايوريج ڏيندو ان لاءِ ڪمند جو في مڻ اگهہ 250 روپيا مقرر ڪيو وڃي. آبادگارن سنڌ حڪومت، شگر ملز انتظاميا کان گهر ڪئي آهي ته فوري طور ملون هلائي آبادگارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو