سکر (بيورو رپورٽ ) سي سيڪشن ٿاڻي جي حد اندر پوليس جو بندر روڊ وٽ شيشا بار تي ڇاپو، 18 کان وڌيڪ نوجوان گرفتار، اي ايس آءِ جي ٻن دوستن سميت ڏيتي ليتي بعد اٺ ڄڻا آزاد، 10 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. گرفتار ٿيلن ۾ جوابدار مظفر سومرو، وقاص جتوئي، خالد ڏھر، سني ڪمار، اجمل بلوچ، نڪليش نعمت، روھت، نعمان ۽ راھول ڪمار شامل آھن جن مان موبائيل فون روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو آھي ذريعن جي ڄاڻ موجب سکر ۾ اي ايس آء جا 2 دوست ان نشي ۾ شامل ھئا جن کي پوليس گرفتار ڪيو ھو پوليس پٽي ڀائي جي ونگار وھندي انھن سميت اٺن ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي. واضح رهي ته اھو ڇاپو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ھنيو ويو ڪيس سي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي.










