شيرين مزاري جي گرفتاري، آءِ جي توهين عدالت ڪيس ۾ پيش

شيرين مزاري جي گرفتاري، آءِ جي توهين عدالت ڪيس ۾ پيش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عدالتي حڪم باوجود تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري کي گرفتار ڪرڻ تي سندس خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار ايمان مزاري پنهنجي وڪيل زينب جنجوعه سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي.آءِ جي اسلام آباد طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو.عدالت درخواستگذار کي جواب جي ڪاپي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواستگذار جي وڪيل کي چيو ته توهان رپورٽ ڏسندا پوءِ ڪيس هلايو.جنهن بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪجهه دير تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو