اسلام آباد: (بيورو) اڳوڻو ناڻي وارو وزير شوڪت ترين آڊيو ليڪ معاملي ۾ ايف آءِ پاران طلبي باوجود پيش نه ٿيو.اڳوڻو ناڻي واري وزير شوڪت ترين ايف آءِ اي ۾ پيش نه ٿيو. ايف آءِ اي شوڪت ترين جي طلبي جو هڪ ٻيو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.شوڪت ترين کي سڀاڻي صبح جو 11 وڳي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سرڪل ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ايف آءِ اي طرفان تنبيهه ڪئي وئي آهي ته پيش نه ٿيڻ تي شوڪت ترين خلاف قلم 174 جي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.










