ڪراچي(نمائندن وٽان) پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بجيٽ ۾ لڳايل ٽڪسن ۽ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سکر مان جئيرام داس موجب پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪارڪنن ھٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي مهانگائي خلاف نعريبازي ڪئي, ان موقعي تي ياسين جتوئي ۽ ٻين چيو ته حڪومت عوام دشمن بجيٽ پيش ڪرڻ سبب مهانگائي ۾ اضافو اچي ويو آھي.

خيرپور مان محمد علي جانوري مطابق سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاري، غربت، ڪرپشن ۽ پيش ڪيل عوام دشمن بجيٽ خلاف مريم توب کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن فضل شيخ، قمر زمان ڏنور، اشفاق سرڪي، ضمير سولنگي، غلام شبير اڄڻ، صفت هاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت هن سال به عوام دشمن ۽ غريب دشمن بجيٽ پيش ڪئي آهي. بجيٽ ۾ بيروزگارن، آبادگارن لاءِ ڪجهه به نه رکيو ويو آهي سنڌ جا سمورا پئسا راشي آفيسر ۽ زرداري ليگ لٽي ڦري وئي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. ڪشمور مان جي ايم کوسو موجب ڪارڪنن مھنگائي خلاف ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف چوڪن مان ٿيندي عمران حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪري پريس ڪلب ڪشمور اڳيان ضلع جنرل سيڪريٽري غازي نصيب الله کوسو، صابر حسين دشتي، ايم ايوب کوسو، علي گوهر، اسرار احمد، جميل احمد، ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت پاڪستاني عوام تي ھڪ مھنگائي جو تحفو ڏنو آهي جيڪو سراسر غلط آهي.

پنوعاقل مان سنتوش ڪمار موجب مظاهرين تعلقي صدر ايم اسحاق جسڪاڻي، شاہد جتوئي، نورالدين پٺاڻ، لال چاچڙ، جاويد ڪورائي ،فضل الدين انڍڙ ۽ ٻين چيو ته ڪرپٽ سياستدانن کي ايوانن ۾ گهرائي انهن کي ملڪ جي مقدر جا فيصلا ڪرائڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي، آصف زرداري، فريال ٽالپر، نواز شريف ۽ ٻين کي جيلن ۾ سهولتون ڏيڻ عام قيدين سان ناانصافي آهي، ڪرپشن سبب ملڪ ۾ مهانگائي جي ٻوڏ اچي وئي آهي، جنهن ڪري ڪرپشن ڪندڙن کي جيل موڪلي ملڪ مان مهانگائي جو طوفان ختم ڪري عوام کي وڌ ۾ وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي.










