شهيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

شهيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر)محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر يونس راڄپر، جنرل سيڪريٽري مشتاق مري، زاهد راڄپر، خادم سيال، گل مورو، مظهر خاصخيلي، عطا حسين سمون، منصور ميمڻ، فراز ميمڻ، فقير بهڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته پوليس جي نااهلي جي ڪري هڪ هفتي کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود شهيد صحافي عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا اڄ جيڪڏهن شهيد صحافي جو خون ائين رائيگان ٿي ويو ته سنڌ اندر ڪو به صحافي محفوظ رهي نه سگهندو. هنن چيو ته وفاق توڙي سنڌ حڪومت صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ هن مهل تائين صحافين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪا به پاليسي نه ٺاهي وئي آهي. هنن چيو ته صحافي پنهنجي جان تي کيڏي ڪري بغير ڪنهن مراعاتن جي رضاڪارانه طور مظلوم ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندو آهي پر ان باوجود حڪومت پاران شهيد صحافين جي وارثن کي معاوضو نه ڏيڻ ناانصافي آهي. هنن چيو ته صحافي عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف اڱاري تي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو ۽ ڌرڻي ۾ شهيد بينظيرآباد جا سمورا صحافي شرڪت ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو