ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل جي سڏ تي محرابپور جي صحافي شهيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.****ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب پريس ڪلب جي صدر مسعودعالم سومرو . جنرل سيڪريٽري عبدالسبحان کوسو جي اڳواڻي ۾ ضلعي جي صحافين ۽ شھرين طرفان احتجاج ـ مظاهرو ڪيو ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته اصل قاتلن کي گرفتاري ڪيو وڃي. ****غوثپور مان عبدالنبي ملڪ موجب پريس ڪلب جي صدر جمال الدين اوڳاهي . جنرل سيڪريٽري شير زمان بجاراڻي اصغر علي بجاراڻي اسدﷲ اوڳاھي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ضلعي جي صحافين ۽ شھرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صحافين مطالبو ڪيو ته اصل قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.










