بوزدار وڏا (حسين ٽانوري) ٽائون ڪاميٽي جو درجو رکندڙ بوزدار وڏا شهر ترقي ماڻي نه سگهيو 18 هزار کان وڌيڪ آبادي واري شهر جو تفريح پارڪ مڪمل طور تباھ کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳو. ان موقعي تي بوزدار وڏا جي شهرين مظفر شبير بوزدار، صفدر پنهيار، ضمير انصاري، شهباز ٽانوري، لالا نصير ٽانوري, اسڪول جي شاگردن محمد علي انصاري جواد علي اڄڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بوزدار وڏا شهر جو واحد تفريحي قلندر بخش بوزدار پبلڪ پارڪ انتظاميا جي بي ڌياني سبب اجڙي تباھ ٿي ويو آهي جڏهن ته هن پارڪ جو افتتاح 9 مئي 2005 ۾ اڳوڻي وفاقي وزير مرحوم سيد عبدالقادر شاھ جيلاني (پير آف راڻيپور) ڪيو هيو پبلڪ پارڪ ۾ لڳل جهولا، ويهڻ لاءِ ڪرسيون لوهيون لڳل ڄاريون پبلڪ پارڪ جي مالڪي نه ٿيڻ ڪري مڪمل طور اجڙي کنڊرات بڻجي ويو آهي افتتاح بورڊ کان علاوه پبلڪ پارڪ ۾ ڪا شيءِ ناهي بچي. هن وقت ٽائون ڪاميٽي ۽ چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي نه هئڻ ڪري پبلڪ پارڪ ٻيهر تعمير نه ٿي سگهيو آهي. هنن پپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ تڪ جي چونڊيل ايم اين اي اي پير سيد فضل علي شاھ کي اپيل ڪندي چيو ته واحد تفريحي قلندر بخش بوزدار پبلڪ پارڪ نئين سر تعمير ڪرائي مقامي شهرين ۽ معصوم ٻارڙن جي لاءِ تفريح فراهم ڪئي وڃي ۽ شهر جي رونق وڌائي وڃي.










