دادو(ن سنڌيار)دادو شهر جي 24 وارڊن مان 22 وارڊن ۾ گندگي جا ڍير ٿي ويا.وارڊ نمبر 9 ۾ صفائي جاري آھي جيڪو پي ٽي آئي اميدوار ظھير چانڊيو پنهجي خرچ تي پاڻ ڪرائي رهيو آھي ۽ وارڊ نمبر 13 تي به صفائي عمل جاري آھي. شهر جا رستا گندي پاڻي هيٺ اندر شهري سخت پريشان، دادو شهر جي شهبازڪالوني، مجيد ڪالوني، مسڻ ناڪو، ميمڻ محلا، سونارو محلا، موندر ناڪو،ڇاڻو شاھ آباد،گلشن ڪالوني، گوپانگ محلا،جڳت آباد، مصري شاھ گهٽي، شاهاڻي محلا، ريشم گلي، نوراني چونڪ، ورڪشاپ،غريب آباد، مزدور آباد، ريلوي ڪالوني، بٺ محلا، بدرآباد ڪالوني،آرائين محلا،سيال ناڪو، وڏي مسجد، پير بخش ڪالوني، گرلس ڪاليج روڊ، استاد بخاري گهٽي، مرکپور سميت دادو شهر جي 22 وارڊن ۾ صفائي سٿرائي خواب بڻيل، شهرين ۽ سماجي اڳواڻن مجيب پنهور،شير ميمڻ،سجاد مستوئي،احسان غني ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران دادو ميونسپل ڪاميٽي کي 2 اربن کان وڌيڪ رقم ملي آهي ان باوجود دادو شهر اندر ڊرينج سسٽم نه آهي شهرين کي هر روز گندي پاڻي مان گذرڻو پوي ٿو،دادو ميونسپل ڪاميٽي جو وائيٽ ڪالر عملو گهر ويٺي پگهار کڻي رهيو آهي جنهن سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، دادو شهر بنيادي مسئلن هيٺ آهي حڪمران جماعت رڳو پنهنجا نوازي پاليسي سبب شهر کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي،شهر جي هر هڪ گهٽي ۾ ڪچري جا ڍير پيل آهن ڊرينج سسٽم تباھ هجڻ ڪري شهرين جي گهرن ۾ پاڻي بيٺل رهي ٿو،دادو شهر جي آبادي 6 لک آهي پر سهولت 10 هزار رهواسين جهڙي نه آهي، گهٽي جي صفائي لاء ايم اين اي ۽ ايم پي اي ۽ سي ايم او کي منٿون ڪرڻيون پون ٿيون تڏهن وڃي مهيني ۾ هڪ چڪر گهٽي صاف ڪئي وڃي ٿي،دادو شهر ۾ نه پيئڻ جو صاف اڻلڀ آهي سمورا آر او پلانٽ خراب ۽ بند پيل آهن،دادو ميونسپل ڪاميٽي رڳو حڪمران جماعت جي بنگلن کي هلائڻ واري آفيس بڻجي وئي آهي شهرين چيو ته دادو شهر جي 200 کان وڌيڪ ڪالونيون گندي پاڻي ۽ ڪچري جي ڍير هيٺ آهن اتان جا رهواسين چمڙي جي بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن پر دادو ميونسپل ڪاميٽي جو سي ايم او ۽ ڊي سي دادو اگهور ننڊ سستل آهي جنهن سبب دادو واسين ٻٽي عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهن،شهرين دادو سيشن جج ۽ ڪمشنر حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته فوري طور دادو شهر جي صفائي نه ٿيڻ جو نوٽس وٺي شهر جي صفائي ڪرائي شهرين کي بنيادي حق ڏئي کين جيئڻ جو حق ڏنو وڃي،










