نوشھرو فيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي)نوشھرو فيروز ۾ وڌندڙ بدامني چورين ڦورن جي تعداد جي خلاف وڪيل برادري جي طرفان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.احتجاج جي اڳواڻي ضلع بار ڪائنسل جي صدر عبدالرحيم عباسي ڪئي.وڪيلن عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ جوڊيشل ڪامپليڪس کان پريس ڪلب تائين ريلي جي صورت ۾ آيا.ان موقعي تي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي ضلعي بار ڪائونسل جي صدر عبدالرحيم عباسي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالستار لورھاڻي سينئر وڪيل اشفاق احمد تڳر امتياز ميمڻ زنوار ابرار علي چانڊيو ۽ ٻين وڪيلن خطاب ڪندي چيو ته ضلعو نوشھرو فيروز بدامني جو ڳڙھ بڻجي ويو آھي امن امان جي صورتحال خراب آھي وڪيل جي گھر مان لڳل داڙي جو اڃاتائين ڪو ددارڪ نه ٿيو آھي جنھن جي پرزور مزمت ڪيون ٿا ۽ ايس ايس پي الطاف لغاري کان مطالبو ڪيون ٿا ته جلد کان جلد سينئر وڪيل اسلم ڪوريجو جي گھر ۾ لڳل داڙي جا جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ۽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني کي روڪيو وڃي.










