شھدادپور (ن س )شھدادپور ۾ پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ 2 ڌار ڌار مبينہ مقابلن ۾ 2 ڏوھاري ھٿيارن سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ دعوي اسپتال منتقل شھدادپور ۾ اين ايف سي گودام لڳ پوليس ۽ ڏوھ جي رادي سان بيٺل ڏوھارين وچ ۾ مبينا مقابلي ۾ فائرنگ ٿيڻ ۾ پوليس ھڪ ڏوھاري ڳوٺ گدرو ماڇي جي قاسم رند کي پسٽل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي زخمي کي پوليس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سمس اسپتال شھدادپور پھچايو زخمي ڏوھسري سان گڏ سندس ٻہ ساٿي فرار ٿي ويا جڏھن تہ ٻيراني روڊ تي ڏيٿا واٽر وٽ پوليس ۽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين وچ ۾ ٻيو مبينہ مقابلو ٿي پيو جنھن ۾ فائرگ بعد پوليس ھڪ ڏوھاري ٽنڊوآدم جي ڳوٺ حمل مڪراني واسي اياز ساند کي رپيٽر سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي زخمي ڏوھاري کي سمس اسپتال منتقل ڪيو زخمي ڏوھاري سان گڏ سندس ٻہ ساٿي فرار ٿي ويا ٻنھي زخمي ڏوھارين پي سمس اسپتال مان حيدرآباد منقل ڪيو ويو ان سلسلي ۾ ايس ايچ او شھدادپور غلام شبير دلواڻي ٻڌايو ته پوليس پنھجي معمول موجب گشت تي ھئي ته اين ايف سي گودام وٽ اوچتو پوليس کي ڏسندي جوبدارن پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري قاسم رند کي پسٽل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي جڏھن ته سندس 2 ساٿي جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏھن تہ ٻيراني روڊ تي ڏيٿا واٽر وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين پوليس کي ڏسندي پوليس مٿان فائرنگ ڪئي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٽنڊوآدم واسي اياز ساند کي رپيٽر سميت گرفتار ڪيو آھي سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا جن جي پويان پوليس پارٽي رواني ڪئي آھي جلد جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ سندن ڪرمنل ريڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي










