دادو(ن سنڌيار)پوري ملڪ جيان دادو ۾ به شهيد پوليس جوانن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ يوم شهداءَ پوليس ريلي ڪڍي وئي ريلي ايس ايس پي آفيس کان نڪتي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب دادو پهتي ريلي جي اڳواڻي ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ، ڊي ايس پي عبدالرزاق بگٽي، محمد شريف زئونر، وزير علي خشڪ، ساجد حسين ميمڻ، نظير ملاح، مختيار کوکر، عبدالرزاق قمبراڻي ڪئي جنهن ۾ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن پڻ ريلي ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ پوليس جي آفيسرن ۽ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن شهيدن کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي اڄ پوري ملڪ ۾ شهيد پوليس اهلڪارن کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي پوليس جا اهي شهيد جيڪي هن ملڪ ۽ عوام لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو ۽ تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي ويا،عوام جي جان و مال جي حفاظت ۽ ماڻهن جي بقاءُ لاءِ جنگ ۾ اسان جون جانيون حاضر آهن،شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا، پوليس جي شهيد جوانن اسان جي ملڪ ۽ اسان جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون،جنهن کاتن سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن انهن ۾ پوليس کاتو سڀني کان اڳڀرو آهي،اسان اگر پنهنجن شهرن ۽ گهرن ۾ محفوظ آهيون ته ان جو ڪارڻ هي وردي وارا جوان آهن ريلي بعد اس ايس پي آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ شهيد ٿيل جوانن ۽ آفيسرن جي خاندانن کي گلن جا تحفا پڻ پيش ڪيا،پوري ضلعي جي شهيد پوليس اهلڪارن جي آخري آرام گاهن تي گلن جون چادر ون چاڙهي فاتحون پڻ پڙهيون ويون.










