اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد جي عدالت شهباز گل جي ضمانت واري درخواست تي دليل طلب ڪري ورتا آهن. اسلام آباد جي ايڊيشنل اينڊ سيشن جج شهباز گل جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ جو وڪيل فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو. فيصل چوڌري دليل ڏيندي چيو ته اسان دليل ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون ۽ اڄ درخواست تي فيصلو ڏينداسين، ان تي جج زيبا چوڌري چيو ته اهڙو ئي ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ به هلندڙ آهي. فيصل چوڌري موقف اختيار ڪيو ته جڊيشل مئجسٽريٽ جي حڪم بابت درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ جي باوجود به عدالت ڪيس ٻڌي سگهي ٿي، اهو طئي ٿيل قانون آهي ته ڪنهن کي بنا سبب جي هڪ منٽ به جيل ۾ نٿو رکي سگهجي. حڪومت ڄاڻي واڻي ان معاملي کي لٽڪائڻ چاهي ٿي. وڪيل جي موقف تي عدالت جاچ آفيسر کي 11 وڳي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي وڪيل کي نمائندگي جو خط به پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪندي ڌرين کي دليل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان علاوه پراسيڪيوشن ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.










