لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ(اي سي ايل) ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان توهين عدالت جي برابر آهي.مريم اورنگزيب شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي اعلان کان پوءِ چيو ته عيد جي موڪلن کان پوءِ ورڪنگ ڊي ۾ عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي بجاءِ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو. عمران صاحب کي عيد جي موڪلن ۾ غريبن جي ياد نه آئي، هن عيد جي موڪلن ۾ آفيس کولرائي عوام کي ريليف ڏيڻ جي فڪر نه ٿئي.وزيراعظم لاءِ سڀني کان وڌيڪ ضروري عدالتي حڪم جي توهين ۽ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ هو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سياسي انتقام ۾ انڌو ٿي چڪو آهي ۽ ان کي عيد جي ڏينهن پرڏيهي آفيس کولرائي فلسطين تي قرارداد تيار ڪرائڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته عمران خان کي عيد جي ڏينهن ناڻي واري وزارت کولرائي عوام کي ريليف ڏيارڻ جي توفيق نه ٿئي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف مٿان پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي. اپوزيشن اڳوڻ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.










