شرپسندن جي سارين جي ديري کي باهه، سوين مڻ سڙي رک

شرپسندن جي سارين جي ديري کي باهه، سوين مڻ سڙي رک

پکو(عبدالوحيد ميئو) ڳوٺ خدابخش بروھي ۾ نامعلوم شرپسندن پورھيت پير بخش بروھي جي سارين جي 10 جريبن جي ديري کي باھ ڏئي ڇڏي باھ ڏسندي ڏسندي سڄي ديري کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. باھ جي شعلن تي ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا ۽ باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باھ تي ضابطو نه اچي سگھيو ۽ نتيجي ۾ سوين مڻ ساريون سڙي خاڪ ٿي ويون جن جي ماليت 8 لکن کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي. ھوڏانھن سارين جي ديري کي لڳل باھ جو اطلاع فائر برگيڊ نصيرآباد کي ڏنو ويو پر فائر برگيڊ گاڏي نه پھچي سگھي جڏھن ته ديرو سڙڻ تي پورھيت دانھون ڪندو رھيو.

ان حوالي سان متاثر پورھيت پير بخش بروھي ٻڌايو ته مون سان ظلم ٿي ويو آھي نامعلوم شرپسند ظالمن سڄي سال جي ڪمائي ساڙي رک ڪري منھنجي ٻچڙن جو گذر سفر جو ذريعو ختم ڪري ڇڏيو آھي منھنجي ڪنھن سان به دشمني ناھي خبر ناھي منھنجو اناج ڇو ساڙيو ويو آھي. متاثر پورھيت چيو ته ساڙيل ديري ۾ 8 لک کان مٿي جون ساريون ھنيون. آخر ۾ پورھيت اعلي’ اختيارين کان مطالبو ڪيو  ته ديرو ساڙيندڙ شر پسندن کي گرفتار ڪري  ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو