حيدرآباد(ن س) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي سيني ۾ تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو.سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ کي سيني ۾ تڪليف سبب حيدرآباد جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز (اين آءِ سي وي ڊي) منتقل ڪيو ويو.اسپتال ذريعن موجب شرجيل ميمڻ کي جڏهن طبي معائني لاءِ اسپتال آندو ويو ته معلوم ٿيو ته صوبائي وزير کي دل جو دورو پيو آهي.ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته شرجيل انعام ميمڻ جي دل جون 2 شريانون بلاڪ ٿي ويون آهن، شرجيل ميمڻ جي اينجيو گرافي کانپوءِ اينجيو پلاسٽي ڪئي وئي آهي، 2 اسٽينٽس داخل ڪيا ويا آهن.اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ جي حالت اڳ کان بهتر آهي، کيس 24 ڪلاڪن کانپوءِ گهر منتقل ڪيو ويندو.










