شاهه محمود ۽ اسد عمر ٻين اڳواڻن سميت پنجاب جي مختلف جيلن ۾ منتقل

شاهه محمود ۽ اسد عمر ٻين اڳواڻن سميت پنجاب جي مختلف جيلن ۾ منتقل

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور مان گذريل ڏينهن جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي پنجاب جي مختلف جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.رپورٽن مطابق پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر کي راجن پور جيل منتقل ڪيو ويو آهي.ڊسٽرڪٽ جيل ليه ۾ 24، ڀکر ۾ 24، راجن پور جيل ۾ 25 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه وائيس چيئرمين پي ٽي آءِ شاهه محمود قريشي کي ضلعي جيل اٽڪ منتقل ڪيو ويو آهي.سينيٽر وليد اقبال کي ليه جيل، سينيٽر اعظم سواتي کي رحيم يار خان جيل منتقل ڪيو ويو آهي.ڊاڪٽر مراد راس کي ڊي جي خان جيل، محمد خان مدني کي بهاولپور جيل منتقل ڪيو ويو آهي. پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما کي ڀکر جيل منتقل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه پي ٽي آءِ جي 77 ڪارڪنن کي پنجاب جي مختلف جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو