شاهه محمود قريشي ڪٿي آهي؟ خبر ناهي: اسلام آباد پوليس

شاهه محمود قريشي ڪٿي آهي؟ خبر ناهي: اسلام آباد پوليس

اسلام آباد)بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اسلام آباد پوليس جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ڪٿي آهي؟ خبر نه آهي.چيف جسٽس عامر فاروق سپريم ڪورٽ ۾ شاهه محمود قريشي جي ڪيسن جا تفصيل طلب ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.شاهه محمود قريشي جو وڪيل بئريسٽر تيمور ملڪ ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل عظمت بشير تارڙ عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت گهرو وزارت کي حڪم ڏنو ته شاهه محمود قريشي کي ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ان بابت آگاهه ڪيو وڃي.پوليس عدالت کي ٻڌايو ته شاهه محمود قريشي خلاف اسلام آباد ۾ 2 ڪيس آهن، سندس خلاف 6 پراڻا ڪيس آهن.چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو