اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. شاهه محمود قريشي جي 3 ايم پي او تحت گرفتاري کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته شاهه محمود قريشي بيان حلفي ڏئي آزاد ڪيو ويندو.ان کان علاوه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهريار آفريدي جي گهرواري کي به آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.










