شاهد خاقان عباسي پاران ضمانت لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل

شاهد خاقان عباسي پاران ضمانت لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ بيريسٽر ظفرالله ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب 18 جولاءِ تي گرفتار ڪيو ۽ 10 آڪٽومبر تائين جسماني رمانڊ تي نيب جي تحويل ۾ رکيو ويو، 11 آڪٽومبر کان جوڊيشل رمانڊ ي جيل ۾ آهيان يعني درخواست داخل ڪرائڻ تائين 191 ڏينهن حراست ۾ گذري چڪا آهن. درخواست ۾ چيو ويو ته نيب منهنجي خلاف ڪو به ڪيس ٺاهڻ ۾ ناڪام ويو آهي ڇاڪاڻ ته نيب قانون نه ئي ٻئي ڪنهن قانون مطابق مون تي ڪو ڪيس ٺهي ٿو. درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته مان ڪو به جرم ناهي ڪيو ۽ نيب هن مهل تائين ڪجهه به برآمد نهي ڪيو پر نيب هاڻي ڪيس ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ تفتيش ڪري رهي آهي. شاهد خاقان درخواست ۾ استدعا ڪئي ته ايل اين جي جو سڄو رڪارڊ حڪومت ۽ نيب وٽ موجود آهي ۽ ايندڙ ٻڌڻي 4 فيبروري تي رکي وئي آهي نيب ريفرنس ۾ ٽرائل مڪمل ٿيڻ تي ضمانت منظور ڪئي وڃي. ياد رهي ته قومي احتساب بيورو شاهد خاقان عباسي کي ايل اين جي ڪيس ۾ 18 جولاءِ تي گرفتار ڪيو هو. ان ڪيس ۾ اڳوڻو وفاقي وزير خزانه مفتاح اسماعيل سميت 7 ٻيا جوابدار به شامل آهن مفتاح اسماعيل ضمانت تي آزاد آهي جڏهن ته شاهد خاقان عباسي ضمانت جي درخواست داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو