ورڪشاپ (اياز لطيف شر) منگلي ٿاڻي جي حد چڪ نمبر 18جورھواسي نوجوان مختارعلي شرعورتاڻي آواز هرکجي ڌاڙيلن ھٿان اغوا. معلوم ٿيوآھي تـ ڪجھ وقت کان ڌاڙيلن مختيارعلي شر سان عورتاڻي آواز ۾ ڳالهائي کيس شادي ڪرڻ جوآسرو ڏنو ۽ شادي ڪرڻ جي بهاني ڪجھ پيسا به مختيار کي موڪليا ويا جنھن تي نوجوان ھرکجي پيو ۽ کيس اغوڪيوويو جنهن جو ٻن ڏينهن کان فون بند رهيو. گذريل رات اچانڪ مختيار جو وارثن سان فون تي ڀنگ 0ڏيڻ لاءِ ڌاڙيلن پاران رابطو ڪرايوويو جنهن تي وارثن کي شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ واري علائقي ۾ ڌاڙيلن وٽ قيد ھجڻ جو ٻڌايو. ٻئي طرف نوجوان جي پيءَ راجا شرميڊيا کي ٻڌايو تـ اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناھي اسان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان کي پنهنجو نوجوان بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.










