شاخون نه کولڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

شاخون نه کولڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

نئون ڪوٽ (ن سنڌيار) سب ڊويزن نئون ڪوٽ مان نڪرندڙ شير شاخ ڀان شاخ ۾21 ڏينهن جي مسلسل وارابندي بعد ايريگيشن عملي پاران شاخون نه کولڻ خلاف ٻنهي شاخن جي آبادگارن نادر لغاري غلام محمد چانڊيو بابو احسان علي گرگيزمريد خان گرگيز غلام حسين گشڪوري جي اڳواڻي ۾آبادگار ڪنري جهڏو مين روڊ تي سلور موري تي مين روڊ بلاڪ ڪري آبپاشي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو جنهن سبب جهڏو ڪنري مين روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جو قطارون لڳي ويون ان موقعي تي آبادگارن چيو ته آبپاشي کاتي 21 ڏينهن جي مسلسل وارابندي بعد شاخون نه کوليون آهن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال منصور ميمڻ کي دانهون ڪيون آهن مگر شاخون نٿيون کوليون وڃن جنهن ڪري اسان وونئڻ مرچ پوکي نه سگهيا آهيون جيڪي فصل پوکيل آهن اهي سڪي تباھ ٿي رهيا آهن ايس ڊي او سب ڊويزن نئون ڪوٽ بدر ميمڻ احتجاجي ڪرڻ تي پاڻي چور ڪرڻ جي ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي گذريل ٻه ڏينهن اڳ آبادگارن پاران احتجاج ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪري گهرن تي پوليس موڪلي هراسان ڪري رهيو آهي هنن صوبائي وزير آبپاشي سيڪريٽري آبپاشي کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي ڏئي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو