شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) آبادگار بچايو تحريڪ جي سڏ تي سيف الله مگسي ڪيئنال ۽ ايس ڪي ٽي برانچ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي جلوس ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. شهدادڪوٽ، قبوسعيدخان، سجاول جوڻيجو جي مختلف شاخن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو. آبادگار بچايو تحريڪ جي اڳواڻن مير مظفر بروهي ، بئريسٽر اخترحسين جبار، مجاهد اعواڻ پي ٽي اڳواڻ حاجي خان ڀٽو،

احمد نواز بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيف مگسي ڪيئنال ۽ ايس ڪي ٽي برانچ مان نڪرندڙ مختلف شاخن گل شاخ ، ٽانوري شاخ ، پتوجا شاخ ، قبو شاخ ، ڌوري شاخ سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي جنهن ڪري آبادگار پاڻي ڦُڙي لاء به ترسن ٿا ، هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري هيٺائين جي آبادرگان سميت پکي ۽ جانور اڃ وگهي مري رهيا آهن. فوتين کي غسل ڏيڻ لاء به پاڻي نه آهي. هنن چيو ته اگر پاڻي نه ڏنو ويو ته سيڪريٽري آبپاشي جي آفيس جو گهراءُ ڪري ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري هاء ڪورٽ ۾ آبپاشي عملدارن خلاف پٽيشن داخل ڪرائينداسين. هوڏانهن سيڪريٽري آبپاشي سعيد احمد مڱڻيجو زرعي پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺي شهدادڪوٽ ۽ قبوسعيد خان جي مختلف شاخن جو دورو ڪيو ۽ شهدادڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪئمشنر آفيس ۾ سيڪريٽري آبپاشي، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد علي جاگيراڻي آبادگار بچايو تحريڪ جي اڳواڻن مير مظفر بروهي ، بئريسٽر اختر حسين جبار شيخ سان ڳالهيون ڪيون ۽ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته آبادگارن ۽ عوام جي شڪايت تي ايس ڪي ٽي برانچ جي انجينئر عطاء الله چنجڻي کي هٽائي ڇڏيو آهي ۽ 24 ڪلاڪن اندر پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس ، هن چيو ته پهريان درياء ۾ پاڻي گهٽ هيو جيڪو هن وقت ڪجهه وڌيو آهي ۽ هاڻ پاڻي کوٽ نه ٿيندي هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته غير قانوني واٽر ڪورس ، پائيپن ۽ لولن ذريعي پاڻي چوري ڪندڙ ۽ چوري ۾ ملوث آبپاشي عملدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪندس ۽ انهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪندس هن چيو ته پاڻي چوري روڪرائڻ لاء پوري ڪوشش ڪيان پيو.










