ڀرياسٽي (ن سنڌيار)ڪلهوڙا برادري ۾سڱاوتي تڪرار تان پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي.ڳوٺ همبر واهه ۾ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾هلندڙ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن نتيجي ۾فوجي جوان عبدالجبار ڪلهوڙو موقعي تي ئي مارجي ويو. گوليون لڳڻ سبب مقتول نوجوان جو پيءُ پيرسن غلام قادر، غلام مجتبيٰ ۽ عبدالحفيظ ڪلهوڙو زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي مقتول نوجوان جي پيءُ غلام قادر ڪلهوڙي پڻ دم ڏئي ڇڏيو. جهيڙي جي ٻن زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وئي ته عبدالحفيظ ڪلهوڙو به زخمن جي سٽ نه سهندي حياتي وڃائي ويٺو. سڱاوتي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي.










