سگهڙ استاد حسين بخش رڏ جي ورسي، ڀيٽا پيش

سگهڙ استاد حسين بخش رڏ جي ورسي، ڀيٽا پيش

صالح پٽ (نياز مهر) صالح پٽ جي ڳوٺ فقير هدايت علي رڏ ۾ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران سنڌ جي ناليواري سگهڙ ۽ سلات جي اڳوڻي مرڪزي صدر استاد حسين بخش رڏ جي ورسي ملهائي وئي. ان موقعي تي استاد حسين بخش رڏ جي مزار تي چادر چاڙهي دعا به گهري وئي. ورسي تقريب ۾ سلات جي مرڪزي اڳواڻن حاڪم علي رند استاد فيض محمد جسڪاڻي ناري تعلقي جي صدر راجا ذوالفقار لغاري جنرل سيڪريٽري  تعلقو نارا امان الله خاصخيلي سوڀارو سومرو، شعبان رڏ رحمت الله خاصخيلي مير چنو سلات ضلع سکر جي جوائنٽ سيڪريٽري ذاڪر ملوڪ شنباڻي محمد ثقلين شنباڻي ۽ ٻين سگهڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڏور بيت ۽ سينگار پڙهي خوب داد ماڻيو . ان موقعي تي اڳواڻن استاد حسين بخش رڏ جي زندگي ۽ شخصيت تي روشني وڌي ۽ خوبصورت لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي آخر ۾ مرحوم جي مغفرت لاء دعا گهري وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو