ميرپورخاص (ن سنڌيار) ڳوٺ ولي محمد رند ۾ سگريٽ مان باهه لڳڻ سبب گهر ڌڻي سڙي فوت، سندس زال زخمي ٿي پئي. گهر ڌڻي سگريٽ پيئڻ بعد ڦٽو ڪيو ته ڪکائين گهر کي باهه لڳي وئي، 40ورهين جو چيلو ڀيل سڙي فوت ٿي ويو، سندس گهرواري تيجان سڙي زخمي ٿي پئي ۽ باهه لڳڻ سبب گهر ۾ ٻڌل 5ٻڪريون به سڙي ڪوئلو ٿي ويون.










