سکر-حيدرآباد موٽر وي M6 جي تعمير بابت اجلاس،رپورٽ تيار ڪرڻ جو حڪم

سکر-حيدرآباد موٽر وي M6 جي تعمير بابت اجلاس،رپورٽ تيار ڪرڻ جو حڪم

نوشھروفيروز (ن س) ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز شاهزيب شيخ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ سکر-حيدرآباد موٽر وي M6 جي تعمير بابت اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر هدايتون ڏنيون ته موٽر وي جي متاثر علائقن جو سروي مڪمل ڪري رپورٽ تيار ڪئي وڃي، ڊپٽي ڪمشنر چيو ته موٽر وي جي تعمير قومي اثاثو آهي جنھن سان سڄي ملڪ ۾ ٽريفڪ جي بھتري ۾ مدد ملندي. باقي سروي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته هاءِ وي تي ايندڙ فصلن، باغن، وڻن، گھرن، دڪانن ۽ ٻين عمارتن جي سروي ڪري متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ سروي کاتي جا آفيسر کڻن. سروي جو ڪم گڏجي ڪري انھن جي ٽيمن جو تعداد وڌايو وڃي ته جيئن سروي جو ڪم مڪمل ٿي سگھي. هن چيو ته لاڳاپيل تعلقي جا اسسٽنٽ ڪمشنر به سروي ٽيمن سان تعاون ڪن. ان کان اڳ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪنسٽرڪشن موٽر وي M6 عبدالرشيد زرداري آفيسرن اجلاس کي ٻڌايو ته ڄامشورو، حيدرآباد ۽ مٽياري ۾ سروي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، شھيد بينظير آباد ۾ ٻيھر سروي جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته نوشھروفيروز ۾ به جلد سروي جو ڪم شروع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو