سکر (جیرام داس) سکر بئراج وٽان سنڌو درياءَ مان هڪ عورت جو لاوارث لاش مليو آهي ۽ لاشن ملڻ جو سلسلو رُڪجي نه سگهيو. سکر بئراج جي گيٽ نمبر 42 وٽ لاش هجڻ جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ايڌي رضاڪار پهتا، جن لاش ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪرايو. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش عورت جو آهي، پر تمام گهڻو ڳريل هجڻ ڪري سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. واضح رهي ته ڪجهه عرصي کان سنڌو درياءَ وٽان لاش ملڻ جو سلسلو جاري آهي، پوليس طرفان لاوارث قرار ڏئي ايڌي رضاڪارن جي حوالي ڪرڻ بعد لاش دفنايا ويندا آهن.










