سڄي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج جو اعلان

سڄي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج جو اعلان

حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف 13 مئي تي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي. ماڻهو پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ پريشان آهن. هن چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي ٻئي پاسي جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي اچي ٿو اهو وري ڪامورا ۽ انتظاميا حڪمران ڌر جي حمايتي جاگيردارن ۽ ڀوتارن جي طرف موڪلي رهيا آهن. هن وقت پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم سموري زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي انڊس ڊيلٽا ۾ انسان، جانور، پکي ۽ فطرت سخت متاثر ٿي وئي. لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته پ پ پ جيڪا مسلسل سنڌ مٿان حڪمراني ڪندي پئي اچي پر اها سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏياري نٿي سگهي هن کي سنڌ جي تڪليفن ۽ مسئلن جو ڪو فڪر ناهي. ڇو ته اها جاگيردارن ۽ ڀوتارن جي نمائينده پارٽي آهي اهي. هن چيو ته سنڌ جي قومپرستن ۽ وطن دوست ڌرين جي وچ ۾ اتحاد جي لاءِ ٿيندڙ پيش رفت سنڌ جي اندر نئي اميد ۽ سنڌ جي سياست جي اندر نئون اتساھ پيدا ڪيو آهي. اجلاس ۾ 19 مئي تي شهيد فهيم عباسي جي سمورن ضلع هيڊڪوارٽرن ۾ ورسي جي تقريبون ملهائڻ جو به فيصلو ٿيو. اجلاس ۾ حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ، قادر چنا ،امتياز سمون ،نثار ڪيريو ،ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ،هوت خان گاڏهي ،ڊاڪٽر احمد نوناري ،گوتم چنا ،ڄام شوڪت ابڙو ،خير محمد مگسي ۽ٻين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو