ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ثقافتي ڏهاڙي تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ڀائرن کي ثقافتي ڏهاڙو مبارڪ هجي، سنڌ جي ثقافت ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي جي خوبصورت رنگن کان علاوه دنيا جي ٻين ثقافتن سان پيار ۽ احترام شامل آهي دنيا ۾ رهندڙ قومن جا ڪپڙا، سندن کاڌو پيتو، سندن انداز ۽ سندن محبت جو اظهار کين ثقافتي اعتبار سان معتبر بڻائي ٿو سنڌ جي روايت دنيا جي قديم ترين ثقافتن ۾ شامل آهي، ان جي رنگن سڄي دنيا جي محبتن کي جڪڙي ڇڏيو آهي پاڪستان جي سمورن ثقافتن کي سلام آهي










