سپريم ڪورٽ اسان جو ڪيس ٻڌي رهي آهي: شاهه محمود

سپريم ڪورٽ اسان جو ڪيس ٻڌي رهي آهي: شاهه محمود

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ اڄ اسان جو ڪيس ٻڌي رهي آهي هن ڪيس کي پاڪستان جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻو آهي شاهه محمود قريشي چيو ته هن ملڪ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪنهن قسم جي حڪومت هوندي اها قيادت هن ملڪ جي خزاني جي رکوالي ڪندي يا اها جيڪو ملڪ جو رت پيئندي يا اها قيادت مني لانڊرنگ جي ذريعي هن ملڪ جي دولت ٻاهر منتقل ڪندي پي ٽي آئي جي وائيس چيئرمين چيو ته عوام فيصلو ڪري چڪي اهي ۽ لوٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مان اڳڪٿي ڪري رهيو آهيان جنرل اليڪشن ۾ به قوم لوٽن کي رد ڪري ڇڏيندي شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم هاڻي اٿي پئي آهي. پاڪستان جي قوم بازاري جي خلاف اٿي پئي آهي موجوده حڪومت نيب قانون جي شڪل بگاڙي ڇڏي آهي نئين نيب قانون ۾ وائيٽ ڪالر ڪرائيم کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي. پي ٽي آئي اڳواڻ چيو ته اسان جو پنجاب جي وڏي وزير جي اميدوار پرويز الاهي آهي، پرويز الاهي خانداني تڪليفن جي باوجود عمران خان جو ساٿ ڏنو پرويز الاهي پهريان به پنجاب جو وڏو وزير رهي چڪو آهي وڏو تجربو رکندڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو