اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گلگت ۾ سپيڪ جي منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرز جي حفاظت لاءِ جوڙيل اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ جا جوان 5 مهينن کان پگهارن کان محروم، رمضان ۽ عيد به بنا پگهار جي گذري وئي.انڊپينڊنٽ اردو جي عبد الله جان جي رپورٽ موجب پگهارن جي ادائگي لاءِ گلگت بلتستان جي حڪومت وفاقي حڪومت کي ڪيترا ڀيرا خط لکيا آهن پر اڃا تائين مسئلو حل ناهي ٿيو. وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته هو ان ڏس ۾ ڪاغذي ڪاروائي ڪري رهيا آهن ۽ جلد مسئلو حل ڪيو ويندو. رپورٽ موجب 2018 ۾ قائم ڪيل هن فورس کي پروجيڪٽ موجب 2020 ۾ ختم ٿيڻو هو پر بعد ۾ وفاقي حڪومتان جي مدي ۾ جون 2021 تائين واڌ ڪئي ۽ بعد ۾ ان جي مدت جون 2022 تائين وڌائي وئي. رپورٽ موجب جنوري 2021 کان جون 2022 تائين پگهارن جي مد ۾ 37 ڪروڙ روپيا گهربل آهن. هن فورس جا اهلڪار ديا مير ڀاشا ڊيم سميت سيپيڪ جي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ غير ملڪين جي حفاظت لاءِ مقرر آهي. پي سي ون موجب هن فورس ۾ 700 اهلڪار ڀرتي ڪرڻا هئا پر فنڊز جي کوٽ سبب 521 اهلڪار ڀرتي ٿيا جن مان 462 سپاهي آهن ۽ باقي ٻيو آفيس اسٽاف آهي. پروجيڪٽ شروع ڪرڻ وقت 24 مهينن لاءِ اڍائي ارب روپين جي خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو هو پر وفاقي حڪومت 77 ڪروڙ روپيا جاري ئي نه ڪيا آهن. هن فورس جي جوانن کي جي بي پوليس ۽ فوج تربيت ڏني هئي.ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان 30 اپريل تي گلگت جي دوري وقت گلگت بلتستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 370 ارب روپين جي ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو هو.










