سيٺارجا لڳ گيس پائپ لائن ڌماڪي سان ڦاٽي پئي

سيٺارجا لڳ گيس پائپ لائن ڌماڪي سان ڦاٽي پئي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)سيٺارجا ڀرسان گيس جي مين ٽرانسميشن لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي. 16 انچ قطر جو پائيپ اوچتو ڦاٽي پيو جنهن  سبب آس پاس جي علائقن ۾ گيس جي فرهمي معطل ٿي وئي آهي. انتظاميه جو چوڻ آهي ته مرمت جو ڪم هلي پيو في الحال علائقن ۽ شهرن اندر گئس جي سپلاء  بند ڪئي وئي آھي. گئس عملدار واقعي واري هنڌ پهچي ويا جنهن جو مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڄي، هن وقت تخريبي ڪاروائي بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو