سيٺ دائود پاران ڪرونا متاثرين لاءِ هڪ ارب جي امداد

سيٺ دائود پاران ڪرونا متاثرين لاءِ هڪ ارب جي امداد

اسلام ڪوٽ (صادق بجير) پاڪستان جي وڏي صنعتڪار حسين دائود پاران پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس خلاف ويڙهه لاءِ هڪ ارب روپين جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙو اعلان اينگرو ڪارپوريشن، ، دائود هرڪيوليس ، دائود فائونڊيشن ۽ حسين دائود جي ڪٽنب پاران جاري ٿيل هڪ پڌرائي ۾ ڪيو ويو آهي. اها امداد پاڪستان ۾ مجموعي طور تي ڪرونا وائرس خلاف ننڍي، وچولي ۽ ڊگهي مدي لاءِ اعلان ڪئي ويئي آهي ۽ انهي کي ڪرونا وائرس کان بچاءُ، ٽيسٽنگ ۽ طبي چڪاس، ڪرونا خلاف پهرين صف ۾ وڙهندڙ طبي عملي جي تحفظ لاءِ ضروري سامان جي فراهمي، مريضن جي سارسنڀال ۽ ڪرونا سبب متاثر غريب خاندانن جي سهائتا جي مد ۾ خرچ ڪئي ويندي. پڌرائي ۾  حسين دائود چيو آهي ته اسان هن ڏکئي وقت ۾ ڪرونا خلاف جنگ ۾ قوم سان گڏ بيٺل آهيون ۽ اهو اسان تي فرض آهي ته اسان ماڻهن جي مدد ڪريون. هن چيو ته اهو اسان جي ڪاروبار جو بنيادي  قدر ۽ اصول به آهي ته پنهنجي ماڻهن جي ڏکئي گهڙي ۾ مدد ڪئي وڃي. حسين دائود حڪومت ۽ ٻين ساک رکندڙ ادارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهي هن چيلنج کي منهن ڏيندي پاڻ پتوڙي رهيون آهن ۽ اسان سندن ڪم کي اڳتي وڌائيندي سندن سهڪاري بڻجي رهيا آهيون. هن دعا ڪئي ته الله اسان کي هن آزمائش مان ڪاميابي سان آجو ڪندي سرخرو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو