سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري ٻيهر اپوزيشن جو سينيٽ ۾ احتجاج

سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري ٻيهر اپوزيشن جو سينيٽ ۾ احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پاران سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري سبب سينيٽ اجلاس هڪ دفعو ٻيهر هل هنگامي جي ور چڙهي ويو تحريڪ انصاف جي سينيٽرز ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ايوان ۾ اعطم سواتي کي آزاد ڪريو جا نعرا لڳندا رهيا سومر تي چيئرمين صادق سنجراڻي سينيٽ اجلاس جي صدارت ڪئي پي ٽي آئي سينيٽرز ڪاريون پٽيون ٻڌي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي اجلاس شروع ٿيو ته اپوزيشن احتجاج ڪيو ۽ هل هنگامو ڪيو اپوزيشن سينيٽرت اعظم سواتي جا پروڊيڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو به ڪندي رهي چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن احتجاج جاري رکيو هل هنگامو وڌيو ته چيئرمين سينيٽ اجلاس خميس شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو