ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ چونڊن ۾ باقي 3 ڏينهن رهجي ويا، جوڙ توڙ ۾ تيزي اچي وئي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان کي 2 سينيٽرز چونڊرائڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، بدلي ۾ اسلام آباد ۾ يوسف رضا گيلاني لاءِ حمايت گهري ورتي، پنجاب اسيمبلي جو ماڊل ڏسي متحده به اڌ راضي ٿي وئي آهي. ڪي پي ۾ جماعت اسلامي جو اپوزيشن پارٽيز جِي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم اهڙي پيشڪش بعد پي ٽي آءِ جي لنچ ۾ شرڪت نه ڪئي. سردار اختر مينگل محمود خان اچڪزئي سان ملاقات ڪري گڏيل حڪمت عملي جوڙي آهي. بلاول ڀٽو زرداري يوسف رضا گيلاني سان گڏجي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري صلاح مشورا ڪيا. بعد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ مولانا ۽ بلاول چيو ته ننڍي چونڊ ۾ حڪومت کي شڪست ڏيڻ بعد سينيٽ چونڊن ۾ به کين شڪست ڏينداسين. بلاول چيو ته حڪومتي اتحاد جا ميمبر اسان سان رابطي ۾ آهن. مخدوم احمد محمود ۽ جهانگير ترين به يوسف رضا گيلاني جي مدد ڪري رهيا آهن، حفيظ شيخ جي پريشاني وڌي وئي آهي. هوڏانهن شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن الله چاهيو ته حفيظ شيخ کٽيندو. ڪي پي ۾ جماعت اسلامي پي ڊي ايم جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. اپوزيشن ڪي پي ۽ بلوچستان مان ٽي ٽي سيٽون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي.










