سينيٽ جي اهم عهدن جي چونڊ ۾ اپ سيٽ جو امڪان

سينيٽ جي اهم عهدن جي چونڊ ۾ اپ سيٽ جو امڪان

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سينيٽ جي چيئرمين ۽ دپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ انتظام مڪمل، ڌرين پاران اليڪشن ۾ ڪاميابي جي دعويٰ، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي موقف ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت بابت موقف ۾ تضاد آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته کيس اڃا تائين مداخلت جو ثبوت ناهي مليو ۽ هو نيوٽرل آهن، جڏهن ته شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي سينٽر کي پيش ڪيو جنهن چيو ته پنجاب جي اينٽي ڪرپشن وارن کيس ٻه ڀيرا فون ڪري ووٽ صادق سنجراڻي کي ڏيڻ لاءِ چيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن وارا اسانجي سينيٽرن کي خريدڻ ۾ رڌل آهن ۽ فون تي رابطي ۾ آهن. جمع تي صبح جو 48 نوان چونڊيل سينيٽر حلف کڻندا ۽ جمعي نماز بعد سينيٽ جي اهم عهدن جي چونڊ ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي وارن جا معاملا اسٽيبلشمينٽ سان طئي ٿي ويا آهن سندن گيم پلان موجب سيد يوسف رصا گيلاني چيئرمين چونڊبو جڏهن ته مولانا عبدالغفور حيدري هارائيندو ۽ پي ٽي آءِ جو اميدوار مرزا محمد آفريدي ڊپٽي چيئرمين چونڊبو. اهڙي عمل سان پي ڊي ايم کي جهٽڪو لڳندو ۽ ڪمزور ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو