سينيئر صحافي ۽ اينڪر ارشد شريف ڪينيا ۾ قتل

سينيئر صحافي ۽ اينڪر ارشد شريف ڪينيا ۾ قتل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف کي ڪينيا ۾ قتل ڪيو ويو.ارشد شريف جي فوت ٿيڻ جي خانداني ذريعن ۽ ساٿين به تصديق ڪئي آهي، پر واقعي جا وڌيڪ تفصيل معلوم نه ٿي سگهيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪينيا جي مقامي پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.ذريعن موجب ارشد شريف ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي کان لنڊن ويو هو ۽ اتان ڪينيا روانو ٿيو هو. ارشد شريف جي زال جويريه صديقي جو چوڻ آهي ته پوليس موجب ارشد کي ڪينيا ۾ گوليون لڳيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو