اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سيني جي ڪينسر ۽ دل جي بيمارين بابت سڄي ملڪ ۾ آگاهي مهم هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهيءَ ۾ بريسٽ ڪينسر ۽ دل جي بيمارين بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان کي حڪومت کان آگاهي مهم بابت هدايتون وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻنهي بيمارين کي روڪڻ لاءِ مهم هلائي وڃي جسٽس عائشه ملڪ چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي رپورٽ ناهي آئي.جسٽس عائشه صديقه چيو ته ڊريپ هڪ وفاقي ادارو آهي، وفاقي حڪومت کي ٻنهي بيمارين بابت آگاهي مهم هلائڻ گهرجي.اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته بيمارين بابت آگاهي مهم صحت کاتي شروع ڪئي آهي ان ڪري وفاق کان هدايتون وٺان.










