بدين (ن س ) برساتن ۽ سيلاب ۾ ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ھلندڙ سروي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان جي زير صدارت ڪيمپ آفيس بدين ۾ اھم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي گڏجاڻي ۾ سروي دوران ايندڙ مسئلن ۽ ان جي حل لاءِ غور ڪيو ويو انھي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سروي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي جلدي رليف ملي سگهي ھن چيو ته انھي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ھرگز برداشت نه ڪئي ويندي گڏجاڻي ۾ لائيو اسٽاڪ جي ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي بدين ۾ ھيستائين 4 ھزار 4 سوء 43 جانورن لاءِ 3 لک 63 ھزار 3 سوء 15 ڪلو گرام چارو (گاھ) ڏنو ويو آهي انھي کان علاوه جانورن جي ويڪسين پڻ ڪئي پئي وڃي گڏجاڻي ۾ اي ڊي سي ون مجيب الرحمان جمالي اي ڊي سي ٽو وقار احمد ڪلوڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عبدالغفار کوسو ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر جمال الدين جوڻيجو ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ ضلعي جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار پڻ موجود هئا










