سيريز هارائڻ جو اهو مطلب ناهي ته اسان عالمي ٽيم ناهيون؛ بابر

سيريز هارائڻ جو اهو مطلب ناهي ته اسان عالمي ٽيم ناهيون؛ بابر

پرٿ (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن رانديگر توقعات مطابق پنهنجي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا. آسٽريليا خلاف آخري ٽي 20 ۾ 10 وڪيٽن کان شڪست کائڻ بعد پريس ڪانفرنس دوران بابر اعظم چيو ته منهنجي جلدي آئوٽ ٿيڻ جي ڪري ٽيم سٺو اسڪور نه ڏئي سگهي ليڪن افتخار تمام سٺي اننگز کيڏي. واضح رهي ته شروعاتي ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ هاف سينچري ٺاهيندڙ قومي ٽي 20 ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ٽين ميچ ۾ گهڻو اسڪور نه ڪري سگهيو هو جنهن سبب پاڪستان جي پوري ٽيم 20 اوورن ۾ 106 رنسون ٺاهي سگهي هئي. جواب ۾ آسٽريليا بغير ڪنهن نقصان جي هدف حاصل ڪري پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ بابر اعظم جو چوڻ هو ته هڪ سيريز هارائڻ جو اهو مطلب ناهي ته اسان عالمي نمبر هڪ ٽيم ناهيون پرفارمنس ڏيکارڻ يا نه ڏيکارڻ الڳ ڳالهه آهي پر اسان پنهنجي سئو فيصد ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي باقاعده ڪوشش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو