ڏھرڪي (اسد غفور ڀٽو )ڳوٺ سيد نور حسن شاھ ۾ سيد برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا شيراز شاهه سعيد شاهه زاھد شاهه زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڪيو ويو زخمي نوجوانن جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوانن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي جوابدارن حسن علي شاهه ولد حاجن شاهه زمان شاهه نظام علي شاهه ۽ ٻين بنا جواز حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي واقعي جي اين سي داد لغاري ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. رضوان شاهه ۽ ٻين چيو ته ماڻهو به اسان جا زخمي ٿيا آهن ۽ ايس ايڇ او مير پور ماٿيلو خالد ميمڻ جوابدارن جي ونگار وھندي اسان جا اٺ کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪري ويو آهي. انهن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي. الزام هيٺ آيل ڌر کان موقف وٺڻ لاءِ جڏهن صحافي پھتا ته هنن موقف ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.










