سياسي شخصيت خلاف پيش ٿيڻ لاءِ 7 ڪروڙ روپيه فيس جي آڇ ٿي: تارڙ

سياسي شخصيت خلاف پيش ٿيڻ لاءِ 7 ڪروڙ روپيه فيس جي آڇ ٿي: تارڙ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي انڪشاف ڪيو ته مون کي سياسي شخصيت جي خلاف پيش ٿيڻ لاءِ 7 ڪروڙ روپيه فيس جي طور تي ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيوج نهن ۾ اعتراض جي نڪتي تي اپوزيشن ميمبر سردار لطيف کوسه چيو ته 26هين آئيني ترميم کان پوءِ ايوان ۽ عدليه کي دفن ڪيو ويو آهي. اڄ سپريم ڪورٽ ۾ وڪيلن کي داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. عدالتي فيسن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. ماڻهن کي عدالتي فيس وڌڻ کان پوءِ پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڪوڙين گواهين تي سزائون ٻڌايون ويون آهن.وفاقي قانون واري وزير اعتراض جي نڪتي تي چيوته پي ٽي آءِ جي ڪيسز جو حڪومت سان ڪوبه واسطو نه آهي. سپريم ڪورٽ جو ڪم آهي ته اها عدالتي فيسن تي ڇا ڪري. وڪيلن به پنهنجي فيسن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. سردار لطيف کوسه هڪ ڪروڙ کان گهٽ فيس نٿو وٺي. مون کي ته اوهان جي سياسي شخصيت جي خلاف ڪيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ 7 ڪروڙ روپيه فيس جي آڇ هئي، مون 7 ڪروڙ فيس کي ٺڪرائيندي سياسي شخصيت جي خلاف پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.اسد قيصر اعتراض جي نڪتي تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ملٽري ڪورٽ ۾ ڪوبه فيصلو ٿي وڃي ته هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج جو اختيار هجڻ گهرجي. مون انهي حوالي سان بل جمع ڪرايو آهي، جيڪو اڄ ايجنڊا تي نه آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ هفتي بل کي ايجنڊا تي آندو وڃي.اپوزيشن ميمبر اقبال آفريدي چيو ته اسپيڪر صاحب اوهان جي اڳوڻي ڪردار کي ڏسندي مون کي اميد هئي ته اوهان ميمبرن کي ايوان مان گرفتار ڪرڻ سبب استعيفيٰ ڏيندو هن ايوان جي انهي کان وڏي ٻئي ڪهڙي توهين هوندي ته انهي جا 10 ميمبر هن ايوان مان کنيا ويا. اسپيڪر صاحب اها ڪرسي عارضي طور تي آهي، سڀاڻي هتي پي ٽي آءِ جو اسپيڪر ويٺل هوندو. جڏهن پي ٽي آءِ اقتدار ۾ ايندي ته جيڪو ظلم ڪيا آهن انهي جو وياج سميت بدلو وٺندو. اسپيڪر سردار اياز صادق جواب ڏنو ته مون کي خبر آهي ته هي ڪرسي عارضي آهي هي ڪرسي ايتري عارضي آهي جو اک ڇنڀندي تبديل ٿي ويندي آهي.اسيمبلي ميمبر شاهد خٽڪ چيو ته قبائلي عوام محب وطن آهي، اسان ڪنهن به آپريشن کي قبول نه ڪنداسين، اسان کي امن گهرجي اسان کي آپريشن نه گهرجي. قبائي عوام هاڻ ڪنهن به قسم جي آپريشن کي برداشت نٿي ڪري سگهي. جنهن کان پوءِ اسپيڪر گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري کي ايوان ۾ طلب ڪري ورتو ۽ چيو ته ايوان ۾ اچي ميمبرن جا خدشا ختم ڪريو ۽ حقيقتن کان آگاهه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو