ڪراچي (رپورٽر) وقتي گورنر سنڌ آغا سراج دراني چيو آهي ته هي وقت سياسي اختلافن کي وساري ڪري ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو وقت آهي، هن ٻوڏ سان صوبي ۾ سڀ ڪجهه تباهه ٿي چڪو آهي، رنگ ۽ نسل کان مٿانهون ۽ سياسي اختلافن کي پري رکي ڪري ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي وڃي ڳڙهي ياسين باءِ پاس جي ويجهو پنهنجي رائس ملز ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ٽينٽ سٽي جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۽ متاثرن جي امداد ۽ بحالي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي آغا سراج دراني چيو آهي ته ٻوڏ سان ڳڙهي ياسين ضلعو شڪاپور ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان پهتو آهي جتي 70 سيڪڙو گهر تباهه ٿي چڪا آهن 2010 جي ٻوڏ جي بعد ۽ 2012 جي برساتن جي بعد هي ٽئين برسات آهي جنهن اسان کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن ٻوڏ شهر جا شهر پاڻي ۾ ٻوڙي ڇڏيا آهن لکن جي تعداد ۾ ايڪڙ تي بيٺل پوکيون تباهه ٿي چڪيون آهن هاڻي اسان عوام، دوستن ۽ عالمي برادري جي سهڪار سان ٻوڏ متاثرن کي بچائڻ چاهيون ٿا، آغا سراج دراني چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي متاثرن ۾ ڪڻڪ جون ٻوريون ۽ ٻيون شيون ورهائي رهيا آهيون، روڊن تي ويٺل متاثرن کي تيار کاڌو فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي جڏهن ته مختلف اسڪولن ۽ عمارتن ۾ پناهه وٺندڙ متاثرن کي کاڌي سان گڏو گڏ راشن پڻ پهچايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هي سڀ کان بي رحم ٻوڏ آهي جنهن سان پوري صوبي ۾ سڀ ڪجهه تباهه ٿي چڪو آهي، اسان جي سنڌ حڪومت ۽ سمورا وزير وڏي محنت ڪري رهيا آهن. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه صوبي جي ڪنڊ ڪرڇ جو دورو ڪري رهيا آهن چيئرمين ڀلاول ڀٽو زرداري سمورن پارليمينٽ ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته هي پهريون ٽينٽ سٽي آهي جتي 100 کان وڌيڪ متاثرن کي رکيو ويو آهي اسان جو مقصد دوستن جي سهڪار سان ماڻهن کي بچائڻ آهي ۽ انهن کي رليف فراهم ڪرڻ آهي.










