سياستدانن سان گڏ ڪرپٽ ڪامورن جو به احتساب ٿيندو، شيخ

خيرپور(سجاد علي ڪٻر ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻن روينيو ملازمن کي پنھنجي حڪم جو غلام بڻائي ٻيلي کاتي جي 30 لک ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي غير قانوني قبضا ڪيا مھانگائي عالمي مسئلو آھي بجلي جي چوري ۽ لوڊ شيڊنگ کي پيپلز پارٽي جنم ڏنو سياستدانن سان گڏ ھاڻي ڪرپٽ سرڪاري ۽ غير سرڪاري آفيسرن جو به احتساب ٿيندو اھڙن خيالن جو اظھار پي ٽي آئي سنڌ جو اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ايم پي اي حليم عادل شيخ سادات ھائوس تي پرھجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو حليم عادل شيخ چيو ته زمينن جي غير قانوني الاٽميٽ ۽ مني لانڊرنگ ڪيسن ۾ پيپلز پارٽي جي  با اثر ماڻھن جو وڏو نالو آھي. ھن چيو ته ڪووڊ سبب دنيا ۾ مھانگائي ٿي ۽ گھٽ مھانگائي پاڪستان ۾ ٿي. ھن چيو ته پي ٽي آئي سمورا پروگرام بغير سياسي سفارش جي عوام کي آن لائن ڏنا. ھن چيو ته ملڪ عمران خان جي  قيادت ۾ مثالي ترقي ڪري رھيو آھي ڪيتريون ئي وڏيون سياسي شخصيتون جلد ئي پي ٽي آئي ۾ شامل ٿينديون ۽ سنڌ به پي ٽي آئي جوڳڙھ ثابت ٿيندو ھن چيو ته اسان متاثر ماڻھن کي لکين روپيه ڪووڊ فنڊ ڏنوسين ۽ سنڌ جي ترقي لاء اربن روپين جون اسڪيمون رکيون ويون آھن. ان موقعي تي لاڙڪاڻي ۽ سکر جو ريجنل صدر سيد طاھر شاھ يار محمد خان مڱڻيجو احمد علي شاھ پير آف راڻي پور منظور منڱريو سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪن موجود ھيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو